پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي

پاٽائي، اسحاق قلندر سنڌي: سنڌ جي پاٽ ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ قلندر اسحاق سنڌيءَ نالي ٿي گذريو آهي، جنهن جي ابتدائي زندگيءَ جي حالتن بابت ته ڪا ڄاڻ گهٽ ملي ٿي. تذڪرن ۾ آهي ته قلندر اسحاق سنڌي، دنيا جي سير ڪرڻ لاءِ قلندري ويس ۾ ڳوٺان نڪتو، ڪيترا ويرانا ۽ وسنديون ووڙيائين، ملڪن جو سير ڪيائين ۽ حقيقتن ۽ اهميت وارين ڳالهين جو ادراڪ حاصل ڪري 859 هه/ 1455ع ۾ سير سفر ترڪ ڪري هندستان جي تاريخي شهر برهانپور ۾ شيخ طاهر بن يوسف سنڌي محدث پاٽائيءَ جي خدمت ۾ اچي رهيو ۽ ان بزرگ جي وصال 1003هه مطابق 1594ع تائين اتي ئي رهيو. ’گلزار ابرار‘ جي مصنف شيخ محمد غوثيءَ لکيو آهي ته: 1002هه مطابق 1593ع ۾ هن ذڪر ڪيل ٻنهي بزرگن سان ملاقات ڪئي ۽ کانئن فيض حاصل ڪيو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”شيخ اسحاق قلندر جي تصوف جو طريقو، ارادي جي مضبوطيءَ ۽ استقامت وارو هو ۽ هن پنهنجي مرشد ۽ استاد شيخ طاهر جي وفات کان ست سال پوءِ 1010هه مطابق 1601ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو